سومرو شمشاد احمد

سومرو شمشاد احمد

شمشاد احمد سومرو

شمشاد احمد سومرو : اديب ۽ استاد، شمشاد احمد ولد فتح الدين سومرو، 6 سيپٽمبر 1963ع تي موري شهر ۾ ڄائو. هو ايم. اي (سنڌي)، ايم. اي (سياسيات)، ايم. اي (اقتصاديات) ۽ بي. ايڊ آهي. هن وقت استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ سنڌيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر آهي. هن کي ننڍپڻ کان وٺي گهر ۾ علمي ۽ ادبي ماحول مليو. سندس پيءُ فتح الدين ’بيدار مورائي‘ مڃيل اديب رهيو آهي، جنهن جا ڪيترا ڪتاب شايع ٿيل آهن. شمشاد سومري 1982ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس لاڙو تحقيق ڏانهن گهڻو رهيو آهي. هن ’موري جي قاضي خاندان جي علمي، ادبي، سياسي ۽ ديني خدمتن جي تحقيقي ۽ تنقيدي جائزي‘ بابت ’جوڳيئڙا جهان‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکي پورو ڪيو آهي. شمشاد سومري 1993ع کان ’ساهتيءَ جي تاريخ‘ تي تحقيقي ڪم جي ابتدا ڪئي ۽ هيٺيان ڪتاب تيار ڪري چڪو آهي: (1) ساهتيءَ جون وستيون ۽ واهڻ، (2) ساهتيءَ جا صوفي بزرگ ۽ شاعر، (3) ساهتيءَ جا ساهتڪار، (4) ساهتيءَ جا ماڳ ۽ مڪان، (5) ڪافيءَ جو باڪمال صوفي شاعر شاهه نصير، سندس طالبي سلسلو، فن ۽ فڪر، (6) مخدوم نجيب ۽ ريلائي بزرگ، (7) موري جا مور، (8) نينهن ڪيم نروار (قاضي محمد صادق مورائيءَ جي شاعري ۽ سوانح. شمشاد سومري جا 150 کان مٿي تحقيقي مقالا، مضمون ۽ پروفائيل ڇپيل آهن. ’ضلعو نوشهروفيروز سيمينار‘ (2007ع) ۽ ’مورو هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سيمينار‘ (2008ع) منعقد ڪرڻ ۾ سندس هٿ رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا موري سان هن جي پراڻي وابستگي آهي ۽ ٻنهي تنظيمن جو عهديدار رهي چڪو آهي. کيس ڪيترا اوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن. سنڌ جي صوفي شاعر سليمان شاهه بودائيءَ جي شاعريءَ ۽ شخصيت تي سندس تحقيقي ڪتاب ’ڪيئن ريجهايان توکي!‘ مارچ 2013ع ۾، ساهتي ادبي اڪيڊمي، نوابشاهه شايع ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.09.06  عيسوي

اديب ۽ استاد، شمشاد احمد ولد فتح الدين سومرو، 6 سيپٽمبر 1963ع تي موري شهر ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سمرسيٽ ماهم
ارباب نيڪ محمد
ٺاڪر چاولا
امر جليل
سيال احمد خان
عبداللطيف مهر
رزاق مهر
عبدالحق مولوي
حبيب سنائي
رشمي راماڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون